باقراڻي مدرسو

باقراڻي مدرسو: هيءُ مدرسو پراڻي آباد ڳوٺ باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ قائم آهي. جتي قرآن شريف جي تعليم ڏني وڃي ٿي. هن مدرسي مان ڪيترا حافظ فارغ ٿيا. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ مولوي نورمحمد دايي هيءُ مدرسو باقراڻي ڳوٺ ۾ قائم ڪيو. سال 68- 1967ع ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ حافظ محمد اها جاءِ سنڀالي. مدرسي ۾ پري پري جا شاگرد به حصول درس لاءِ ايندا آهن، جن جي کاڌي ۽ رهائش جو انتظام پڻ ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.00.00  عيسوي

باقراڻي مدرسو 1950ع واري ڏهاڪي ۾ مولوي نورمحمد دايي هيءُ مدرسو باقراڻي ڳوٺ ۾ قائم ڪيو . سال 68- 1967ع ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ حافظ محمد اها جاءِ سنڀالي . مدرسي ۾ پري پري جا شاگرد به حصول درس لاءِ ايندا آهن ، جن جي کاڌي ۽ رهائش جو انتظام پڻ ٿيل آهي .



درسگاھه - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ميوزڪ اسڪول ڀٽ شاهه
درسگاهه قاضي شرف الدين
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس
سينٽ جوزف ڪانوينٽ هاءِ اسڪول ڪراچي
ايس ايم لا ڪاليج (ٽنڊو الهيار)
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج
درسگاهه صديقي
جامعه مدرسه درسيه مجدديه
اين اي ڊي يونيورسٽي
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
درسگاھه ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون